ڇا سنڌ جي ”سڀاڻي“ تي سوچڻ لاءِ ”سڀاڻي“ جو انتظار ڪجي؟

علي قاضي

هونءَ ته مرزا غالب جي اردو ۾ ڪيل مختصر شاعري جي هر سٽ ۽ هر شعر تي بي اختيار واهه واهه نڪري ٿي وڃي، پر اڄڪلهه سندس هي شعر گهڻو ياد اچي ٿو،

ھوئي مدت ڪه غالب مرگيا پر ياد آتا هئ،

وه هر اڪ بات په ڪهنا ڪه يوڻ هوتا تو ڪيا هوتا!

جيڪو به ماڻهو اسٽيٽسڪو جو مخالف هجي ٿو سو تبديلي ۽ نواڻ آڻڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، مختلف سوال اٿاري ٿو ۽ هر ان ڳالهه يا عمل تي تنقيد ڪري ٿو يا اعتراض واري ٿو، جنهن ڳالهه سان سوسائٽي ۾ موجود جمود وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو، پر اهڙي شخص کي (گهڻو ڪري) سندس حياتي ۾ ديوانو يا آئيڊيلسٽ قرار ڏئي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي. پر سندس مرڻ کانپوءِ وري هن جي ڳالهين کي ياد ڪري ان تي وڏا بحث مباحثا ڪرائي، سندس ذهانت جي مڃتا طور کيس هڪ وڏي مفڪر ۽ ڏاهي جو درجو ڏئي کيس ياد ڪيو ويندو آهي. تاريخ ۾ سقراط کان وٺي هزارين اهڙن ماڻهن جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي اصل مڃتا سندن مرڻ کانپوءِ ملي، مرڻ بعد کين وڏي فلسفي ۽ دانشور طور ياد ڪيو ويو.

ڪي ميرئ قتل ڪئ بعد تونئ جفا سئ توبه،

هائئ اس زودِ پشيماڻ ڪا پشيماڻ هونا!

مون کي اڪثر اهو سوال پريشان ڪندو آهي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن جي وڇوڙي/موت کانپوءِ روئيندا آهن يا ڏکايل هجن ٿا ته ڇا هو ان ڪري ڏکايل هجن ٿا ته جيڪو شخص گذاري ويو، ان سان کين واقعي محبت هئي، يا ڏک جو ڪارڻ اهو هجي ٿو ته هاڻ هو ان شخص کي ڪڏهن به ملي/ڏسي نه سگهندا؟ جيڪڏهن واقعي به کين ان فوت ٿي ويل شخص سان محبت هجي ٿي ته پوءِ محبت جي دعويدارن کي اهو سوال پنهنجي پاڻ کان ضرور پڇڻ گهرجي ته ڇا زندگي ۾ ان شخص کي هو ايتري محبت ڏئي سگهيا هئا، جيتري محبت جي دعويٰ هو ان شخص سان سندس فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪري رهيا آهن؟

زندگي ميڻ پلٽ ڪر نه ديکا اور نه پوڇا ڪڀي حال افضل،

بعد مرنئ ڪئ ميت ڪو ميري لوگ سر په اٺائئ هوئئ هيڻ!

اسان ۾ مجموعي طرح تعزيتي ميڙاڪا ڪرڻ، ڪنهن جي ياد ۾ شامون ملهائڻ، ورسين جا پروگرام ڪرڻ جي وڏي مهارت اچي وئي آهي. حياتي ۾ جنهن شخص کي سولو هٿ ڏيڻ لاءِ تيار نٿا هجون، ان جي گلا خوري ڪرڻ پنهنجو فرض ٿا سمجهون، جنهن جي هر چڱي ڳالهه پويان به ان جي نيت تي شڪ ڪريون ٿا، پر ان ساڳئي شخص جي مرڻ شرط انتهائي تيزي سان تعزيتي ميڙاڪا شروع ڪري ٿا ڏيون. ڄڻ انتظار ۾ هجون ته اهو همراهه ڪڏهن ٿو مري ۽ ڪڏهن ٿا اسين مرثيا خواني شروع ڪريون! ان مان ته ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ ڪو انسان پنهنجن ڪمن، عملن يا ڳالهين لاءِ تعريف جو حقدار صرف پنهنجي موت کانپوءِ ئي ٿي سگهي ٿو، ڄڻ اسان اهو شرط رکي ڇڏيو هجي ته ڪنهن چڱي ماڻهوءَ جي تعريف تڏهن ڪبي، جڏهن هو مري ڏيکاريندو!! اسان جي سوسائٽي ۾ اها روش ايترو زور وٺندي پئي وڃي، جو اسان پنهنجي سماج جي آهستي آهستي مرندڙ چڱن Values (قدرن ) جي به مڪمل طرح مرڻ جو انتظار پيا ڪريون، ته جيئن اسين انهن چڱن Values (قدرن ) جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺائي سگهون، انهن تي وڏا مقالا پڙهي سگهون، هڪ خوبصورت سماج جي موت جي ورسي شاندار انداز ۾ ملهائي سگهون! جيڪڏهن اسين غور سان جائزو وٺنداسين ته اسان کي اجتماعي طرح اها روش پروان چڙهندي نظر ايندي ته ڄڻ اسان گذريل زماني (ماضي) جي ورسي ملهائي رهيا هجون، يا سڀاڻي (مستقبل) بابت مبهم ۽ غير حقيقي خواب ڏسي رهيا هجون ٿا، يا پوءِ مستقبل ۾ نظر ايندڙ ڀوائتين حالتن جي منظرڪشي ڪرڻ ۾ مصروف هجون ٿا. پر ڪنهن به ريت اڄ (حال) ۾ رهندي حقيقت پسند ٿي حالتن کي سڌارڻ يا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا اجتماعي ڪوشش ڪرڻ کان پاسيرو رهون ٿا، (هتي ڳالهه فردن جي نه پر مجموعي طرح سماج جي ٿئي پئي) اهڙي ڪا به ڪارائتي ۽ بامعنيٰ ڪوشش نٿا ڪريون، جنهن ذريعي سڀاڻي جي منظر تي نمودار ٿيندڙ ڪنهن خراب صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هجون.

اڄ اسان جي چئوگرد ڇا ٿي رهيو آهي، ڇا حالتون آهن، ان کان شايد ئي ڪو اڻ واقف هجي، ڇاڪاڻ ته مهانگائي، امن امان جي خراب ترين صورتحال (۽ اهڙن ٻين انيڪ مسئلن) جو سڌو اثر عام ماڻهو تي پئجي رهيو آهي، سو انهن ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ ڪا وڏي سياسي ڄاڻ يا ڏاهپ گهربل ناهي. ساڳئي ريت اسان جي خطي ۾ عالمي طاقتن جي مفادن سبب ملڪ ۽ صوبي طور سنڌ لاءِ جڙندڙ منصوبا به هاڻ ڪو راز ناهن رهيا ۽ ميڊيا تي اهي روز جا موضوع بڻيل آهن. محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ سنڌي عوام ۾ Leaderless (قيادت کان خالي) ٿيڻ جو احساس به شدت سان موجود آهي، سو ”اڄ“ اسان ڪهڙين حالتن ۾ آهيون؟ ان سوال تي پنا ڪارا ڪرڻ اجايو ٿيندو، جو اهو سڀني جي سامهون آهي. ساڳئي ريت سڀاڻي سنڌ ڪهڙين حالتن ۾ هوندي؟ ان سوال جو جواب به هروڀرو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان اڄ اهڙو ڪجهه ڪري رهيا آهيون، جو اسان جو ”سڀاڻي“ اسان جي ”اڄ“ کان بهتر هجي؟ (خدا نه ڪري) اسان جو سڀاڻي اڄ کان به خراب هجي، جيئن تجزيه نگار مستقبل ۾ اسان جو سڀاڻي خراب ٿيندي ڏسي رهيا آهن. ڇا اسين سڀاڻي صرف پنهنجي ماضي کي ويهي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙينداسين، يا ڪجهه ماڻهن کي ميارون ۽ مهڻا ڏينداسين ته فلاڻي جي ڪري هي ٿي ويو، يا فلاڻو اسان جي خراب صورتحال جو ذميوار آهي، يا فلاڻو هي نه ڪري ها ته هو ٿي وڃي ها، وغيره وغيره. پر ڇا ان ايندڙ وقت ۾ روڄ راڙو ڪرڻ سان ڪجهه بدلجي ويندو؟

ڇا سڀاڻي ويهي سوڳ ملهائڻ کان اهو بهتر نه ٿيندو ته اسين مجموعي طرح بطور سوسائٽي اهو سوال اڄ پنهنجي پاڻ کان ڪريون ته اسان اڄ اهڙو ڇا ڪريون، جو سڀاڻي (ڪجهه نه ڪرڻ جو) پڇتاءُ نه ٿئي؟ سنڌ جي مستقبل جي حوالي سان مختلف حلقن ۾ ڀوائتي قسم جي منظرڪشي، تجزيا، انومان ۽ انديشا بيان ٿين پيا، پر اتي ڪو صفا Dooms day Scenario (قيامت واري ڏينهن جو منظر) بيان ڪرڻ بدران جنهن ۾ (خدا نه ڪري) جاگرافيائي تبديلي وغيره جو ذڪر ڪجي پيو کي پاسيرو رکندي پاڻ هڪ ٻئيScenario (منظر)کي ڏسون ٿا، جيڪو اڄڪلهه هر ان محفل ۾ ذڪر هيٺ آهي، جتي چار سياسي ذهن رکندڙ ويٺل هجن ٿا. انهن محفلن ۾ عام راءِ اها آهي ته مخدوم امين فهيم، سندس هم خيال ۽ پ پ پ جو هاڻ گڏ هلڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري پ پ ۾ Split (ورهاڱو) اڻٽر آهي، سو جيڪڏهن ائين ٿيو ۽ سڀاڻي جڏهن به عام چونڊون ٿيون (جيڪر ٿيون) ته سنڌي مينڊيٽ چار حصن ۾ ورهائبو. هڪ پ پ پ (هاڻوڪي) ٻيو پ پ (جيڪا هاڻوڪي پ پ کان ڌار ٿيندي) ٽيون سرڪاري ليگ (معنيٰ اهي ڀوتار، جيڪي ڪڏهن جوڻيجي ليگ، ڪڏهن نواز ليگ، ڪڏهن ق ليگ ۾ هوندا آهن ۽ هاڻ شايد وري نواز ليگ ۾ هوندا) چوٿون حصو فنڪشنل ليگ، اين پي پي ۽ آزاد ميمبر هوندا. سو جيڪڏهن انهن چئن حصن ۾ سنڌي ماڻهن جو ووٽ Split ٿيو ته پوءِ سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ ايم پي ايز جي اڪثريت رکندڙ پارٽي طور متحده قومي موومينٽ هوندي ۽ پارلياماني جمهوريت ۾ حڪومت ٺاهڻ جو حق وڏي پارٽي کي هجي ٿو. جيتوڻيڪ اهو معاملو مستقبل جو آهي پر مختلف حلقن ۾ اڄ کان ئي اهو سوال آهي ته ”ڇا سنڌ جي ايندڙ وڏي وزير جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هوندو؟“

سنڌ جي مستقبل جي حوالي سان ڳڻتي رکندڙ حلقن ۾ صرف ڪنهن هڪ حڪومت ۾ ڪنهن هڪ ڌر جي چيف منسٽر ٿيڻ واري سوال کان سواءِ به انيڪ ڳڻتيون آهن، جنهن ۾ سنڌ ۾ حقِ حڪمراني، قدرتي وسيلن جو ڦرجڻ، جاگرافيائي جوڙجڪ سان هٿ چراند، زرعي معيشت جي خراب حالت، سوشل فيبرڪ جو مرحليوار ٽٽڻ وغيره شامل آهن. پر بدقسمتي سان پنهنجي مستقبل جي حوالي سان ڳڻتي ۾ ورتل اسان جو سجاڳ طبقو (Conscious Class) ان ڏس ۾ ڪو به حل سامهون ناهي آڻي سگهيو. اسان جي سجاڳ طبقي وٽ مرض بابت ادراڪ ته آهي، پر ان جو تدارڪ ڇا آهي، ان بابت ڪو عمل جوڳو ۽ ٺوس حل يا فارمولو ڪونهي. تنهن جي ڪري ورهين کانپوءِ وري همت ساري اهو سوال وري اٿارڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان ته ”نيٺ ڪجي ڇا؟“

ڏهه سال اڳ جڏهن اهو ئي سوال اٿاريو ويو هو ته ڪجهه ماڻهن ان سوال کي غير سنجيدگي واري انداز ۾ ورتو هو، يا وري ان سوال کي هڪ شخص جي (منهنجي) ”ذهني ٺرڪ“ قرار ڏئي، ان جو جواب سوچڻ جي زحمت نه ڪئي هئي پر اڄ ڏهن سالن کانپوءِ جنهن سنڌ ۾ اسين رهي رهيا آهيون، ڇا ان جي حالت ڏهه سال اڳ واري سنڌ کان ابتر ناهي؟ ڇا اسين اهو افورڊ ڪري سگهون ٿا ته اسين ان سوال تي وري ڏهه سال سمهي پئون ۽ چئون ته 2018ع ۾ ان سوال جو ڪو جواب سوچينداسين؟ ڇا اسين ”ڪجهه نه ڪجي“ واري سوچ کي جاري رکڻ جا محتمل ٿي سگهون ٿا؟ ڇا اسان جو سجاڳ طبقو (جنهن کي آئون ووڪل ڪلاس به چوندو آهيان) ايندڙ ڏهاڪن تائين ائين سوچڻ جي ”عياشي“ جاري رکي سگهي ٿو ته اوچتو ڪو مسيحا ڪٿان ايندو ۽ اسان جي دردن جو درمان ڪندو؟ ٽئين دنيا جي ملڪن جي عوام ۾ هڪ Saviour (بچائيندڙ) جي هميشه خواهش رهندي آهي، جنهن جو اهم ڪارڻ سوسائٽي کي پنهنجي اجتماعي فهم تي اعتماد نه هجڻ هجي ٿو. تنهن ڪري انهن کي ڪنهن هڪ شخص جي ضرورت هجي ٿي، جنهن بابت هو عقيدو ٺاهين ٿا ته اهو شخص پنهنجي بي انتها عقل ۽ فهم ذريعي اسان (عوام) کي اونداهين مان ڪڍي روشنين جي نئين صبح ۾ داخل ڪري ڇڏيندو. اسان جي سنڌي سوسائٽي ۾ به جيڪڏهن ايئن آهي ته ان ۾ هروڀرو ڪا حيران ٿيڻ جي ڳالهه ناهي. اسان وٽ چوڻي آهي ته ”ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.“ هتي انهيءَ چوڻ جو مطلب هرگز اهو ناهي ته سوسائٽي، قوم يا ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اتان جي ليڊر جو ڪو رول نٿو هجي، يا ڪا ٽيم ڪپتان کانسواءِ ڪامياب ٿي سگهي ٿي، پر سمجهڻ اهو کپي ته تبديلي لاءِ ضروري ناهي ته ليڊر پهرين پيدا ٿئي ۽ پوءِ تبديلي لاءِ تحريڪ جنم وٺي، بلڪه دنيا ۾ اڪثر هنڌن تي تحريڪ اڳ ۾ جنم وٺي ٿي، ۽ اها تحريڪ ئي پنهنجي ليڊر يا اڳواڻ کي جنم ڏئي ٿي، سو اسان جي ووڪل ڪلاس وٽ ٻه آپشنز آهن. هڪ اهو ته هو انتظار ڪري (جيڪو انتظار ڪيترن ئي ڏهاڪن تي پکڙيل ٿي سگهي ٿو) ته ڪو مسيحا ڪٿان ايندو ۽ گهر ويٺي سوسائٽي ۾ مثبت ۽ ڏسڻ جوڳي تبديلي اچي ويندي، يا پوءِ اسان جي ووڪل ڪلاس کي تبديلي جي حاصلات لاءِ پاڻ اڳتي اچڻو پوندو.

ورهين کان جاري ”ڪجي نيٺ ڇا؟“ واري بحث مان هڪ مثبت ڳالهه اها سامهون آئي آهي ته اسان جي ووڪل ڪلاس ۾ ذري گهٽ ان نقطي تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي ته اسان جي حالتن جو ذميوار اسان جو سياسي ڪلچر آهي ۽ اسان جي سڀاڻي جي حالتن جو دارومدار به اسان جي سياست تي ئي رکي ٿو. اسان جي معيشت، اسان جو حقِ حڪمراني، اسان جو پنهنجي قدرتي وسيلن تي حق، اسان جي تعليم، امن امان زراعت غرض ته هر اهم شعبي ۾ تبديلي جو رستو سياسي ڪلچر ۾ تبديلي ذريعي ئي ممڪن آهي، پر الاءِ ڇو اسان جو ووڪل ڪلاس اهو سمجهڻ کان لنوائي رهيو آهي. جيستائين ووڪل ڪلاس ڪلچر جا ماڻهو سياست ۾ پنهنجو ڪردار نه ادا ڪندا، تيستائين اسان جي سياسي ڪلچر ۾ ڪا به اثرائتي ۽ حقيقي تبديلي اچڻ جو امڪان نه هجڻ جي برابر آهي. باقي اسان جي سياست ۾ ميوزيڪل چيئر واري راند جاري رهندي، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن حقيقي تبديلي جو نالو نٿو ڏئي سگهجي.
تازو هڪ محفل ۾ ڪچهري دوران ووڪل ڪلاس سان تعلق رکندڙ هڪ ڪاموري چيو ته، عام چونڊن ۾ ڪنهن اليڪشنري ڀوتار کان ڪنهن ووڪل ڪلاس جي نمائندي پاران اليڪشن کٽڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. جواب ۾ پڇيومانس ته ڇا ماضي ۾ اهڙي ڪا ڪوشش ٿي آهي؟ ڇاڪاڻ ته ڪنهن ڳالهه يا فارمولي جي غلط يا صحيح هجڻ جو اندازو ان فارمولي کي فضيلت ڀرئي طريقي سان آزمائڻ کانپوءِ ئي لڳائي سگهجي ٿو. منهنجي ان اعتراض تي ان سرڪاري آفيسر جواب ۾ هڪ ٻن تڪن تان ماضي ۾ ووڪل ڪلاس سان تعلق رکندڙ اميدوارن جي ناڪامي بابت ٻڌايو. هاڻ اتي سمجهڻ اهو گهرجي ته انفرادي طرح هڪ ٻن فردن جي ماضي ۾ هارائڻ يا ڪامياب ٿيڻ جو حوالو هِتي ان ڪري Relevant (ٺهڪندڙ) ناهي جو هو ڪنهن سوچ يا تبديلي واري ڪنهن تحريڪ جي نمائندي طور ڀوتار آڏو چونڊن ۾ نه بيٺا هئا، پر جيڪڏهن ووڪل ڪلاس جا اميدوار سڄي سنڌ جي شهري علائقن (جنهن جو مطلب صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ناهي) مان پهرين مرحلي ۽ بعد ۾ ٻهراڙي وارن تڪن تان چونڊن ۾ هڪ پليٽ فارم ۽ هڪ نعري تي اليڪشن ۾ بيٺا ته پوءِ فيصلو ڪري سگهبو ته روايتي اليڪشنري ڀوتار انهن ووڪل ڪلاسي اميدوارن کان کٽن ٿا يا ناڪام ٿين ٿا. جيڪي به ماڻهو اليڪشنز جي الف ب کان واقف آهن، اهي جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کان ماضي ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجن جي ڪاپي ڪڍرائي ڏسندا ته کين به اهو نظر ايندو ته سنڌ ۾ سنڌي ووٽرن جي اڪثريت وارن شهري تڪن تي جيڪر شهرن جا ووڪل ڪلاسي اميدوار شهري ووٽرن جي سهڪار سان چونڊن ۾ سامهون اچن ته انهن کي ڪنهن ڀوتار پاران هارائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو.

اسين سڀ اهو ڄاڻون ٿا ته ڪنهن ڀوتار جو ڪچي جي علائقي يا ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ته اثر/داٻو هجي ٿو، پر ضلعي توڙي تعلقي سطح تي اڀري آيل اسان جي شهري علائقن ۾ انهن جو ائين داٻو نٿو هجي، جو شهرين کان هو پنهنجي مرضيءَ تي ووٽ وٺي سگهن، يا وري اهي شهري پولنگ اسٽيشنز تي ڌانڌلي ڪرائي سگهن، ۽ شهري علائقن وارن اڪثر تڪن جي جوڙجڪ به ائين آهي، جو انهن ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽر شهري علائقن جا هجن ٿا، سو جيڪڏهن شهري ماڻهو گڏجي ووڪل ڪلاس جي اميدوار جي حمايت ڪندا ته ڀوتار جو کٽڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ٻهراڙيءَ جا ووٽر به ظاهر آهي ته تبديلي چاهين ٿا ۽ جيڪڏهن کين آسرو ٿيو ته تبديلي واري تحريڪ سندن ڀر ۾ موجود شهر ۾ اڀري رهي آهي ته هو ڇو نه ان ۾ بهرو وٺندا. پر ڳالهه پهرين Initiative (شروعات) جي آهي، جيڪا اسان جي شهري علائقن جي ووڪل ڪلاس جي ماڻهن کي وٺڻي پوندي. آئون سمجهان ٿو ته ڪجهه ڪري ڪامياب/ناڪام ٿيڻ سئو سيڪڙو بهتر آهي، بجاءِ ان جي جو ماڻهو ڪجهه به نه ڪري.

هڪ همراهه روز دعائون گهرندو هو ته سندس هڪ ڪروڙ جي لاٽري نڪري اچي، هو سالن جا سال اها دعا گهرندو رهيو ته سندس لاٽري نڪري اچي، نيٺ هڪ ڏينهن کيس آواز آيو ته تون پنهنجي لاٽري نڪرڻ لاءِ دعائون ته ڪرين ٿو، پر پهرين لاٽري ٽڪيٽ ته خريد ڪري وٺ! سو لاٽري لاءِ به ٽڪيٽ وٺڻ جي زحمت ڪرڻي پئي ٿي، پر اسين ڇا ان اميد تي آهيون ته معاشري ۾ حقيقي تبديلي گهر ويٺي اچي ويندي!؟

Leave a Reply

Please log in using one of these methods to post your comment:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s