بجليءَ جو بحران، ٿر جو ڪوئلو ۽ ان سان لاڳاپيل اهم ترين سوال!

 

 

  هاڻ جڏهن ملڪ ۾ بجلي جو بحران آهي ۽ هر ماڻهو ان کان متاثر آهي، ان جي حل لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون پيون وڃن، اتي هڪ حل جيڪو نظر آيو آهي، اهو  ڪوئلو آهي، جنهن مان بجلي ٺاهي، ان بحران تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اتان جو ڪوئلو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ٿر ۾ ڪوئلو 9000 هم چورس ڪلوميٽرن تي آهي ۽ ان مان شروعاتي طور تي وفاقي سرڪار پاران 400 بلاڪ آمريڪي ۽ چيني سيڙپڪار ڪمپنين کي ڏنا ويا. ٿر ۾ ٽوٽل ڪوئلو 180 بلين ميٽرڪ ٽن آهي.. ٿر هونءَ به معدني دولت جي لحاظ کان شاهوڪار علائقو آهي، جتي ڪوئلي کان سواءِ چائنا ڪلي، گرينائيٽ، سليڪان، گئس ۽ ٻيون معدنيات موجود آهن. بينظير صاحبه جي حڪومت دوران ”سنڌ ڪول اٿارٽي“ ٺاهي وئي، جنهن جو مقصد اهو هيو ته ڪيٽي بندر تي پاور هائوس ٺاهيو وڃي ۽ ٽرين ذريعي ڪوئلو اتي پهچائجي، پر اهو پروپوزل اڳيان وڌي نه سگهيو. پ پ پ جي ٻئي دور ۾ ان تي ڪوشش ٿي پر وري به اها ڳالهه عملي شڪل اختيار ڪري نه سگهي. وري 2001ع ۾ شن هائو گروپ کي سنڌ گورنمينٽ لائسنس ڏنو ۽ ڪوئلي جو هڪ بلاڪ به ڏنو، جنهن مان 600 700 ميگا واٽ بجلي ٺهڻي هئي. 2003ع ۾ پاڻيءَ بابت اسٽڊي ڪرائي وئي ته ڪوئلي ۾ پاڻي آهي يا نه؟ پر اسٽڊي ۾ اها رپورٽ آئي ته ٿر جو ڪوئلو پاڻي ۾ نه آهي، ان ۾ ڪوئلي جون پنج ليئر آهن. هر ليئر کانپوءِ پاڻي آهي. تمام گهٽ ملڪن ۾ ڪوئلو ”موسچرائيز“ (پاڻي وارو) آهي، پر ان جي کوٽائي جو خرچ تمام گهڻو آهي. جرمني ۽ ٻيا دنيا جا تمام گهٽ ملڪ آهن، جتي اهڙو ڪوئلو آهي. چائنيز ڪمپني شن هائو گروپ چيو ته اتي ڪم ڪرڻ لاءِ انفرا اسٽرڪچر تيار ڪري ڏنو وڃي، جنهن ۾ روڊ، رستا، پاڻي، بجلي، ٽرانسميشن لائين وغيره ۽ ننڍو هوائي اڏو شامل آهي. ان ۾ ٽرانسميشن لائين، بجلي ۽ ننڍو هوائي اڏو مرڪزي حڪومت ۽ روڊ رستا، پاڻي وغيره صوبائي حڪومت جي ذميداري هئي. ان تحت رستا ٺهيا، روڊ پليون پاڻي جو بندوبست، بجلي، هوائي اڏي تي فزيڪل ڪم مڪمل ٿيو، پر واپڊا ٽرانسميشن لائين نه ڏني ته ان مهل ان جي ضرورت نه هئي، اها ٽرانسميشن لائين 800 900 ميگا واٽ بجلي کڻي سگهي ها. ان ڳالهه تي واپڊا ۽ شنوا گروپ جو پاڻ ۾ اختلاف راءِ پيدا ٿيو، ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کي ٽرانسميشن لائين لڳائڻ لاءِ ذميدار قرار ڏينديون رهيون. 2004ع تائين ڪراچي کان مٺي تائين روڊ مڪمل ڪرائڻ جي خاطري به ورتي وئي. 2004ع ۾ پرائيوٽ پاور انفرا اسٽرڪچر بورڊ گهر ڪئي ته 900–800 ميگاواٽ بجلي وارو پروجيڪٽ منظور ٿي چڪو آهي، ان ڪري پروجيڪٽ جي اسٽڊي رپورٽ ۽ نيپرا کان بجليءَ جا اگهه مقرر ڪرائي اچو، باقي PPA (پاور پرچيز ايگريمينٽ) EA (اسٽيبلشمينٽ ايگريمينٽ) پاڪستان سرڪار جي ذميواري هوندي. سنڌ سرڪار ۽ مرڪزي حڪومت گڏجي پروجيڪٽ لڳائڻ ۾ مدد ڪندا. ان ڪري شن هائو گروپ وارا فزيبلٽي ٺاهڻ ۾ لڳي ويا، پر سنڌ گورنمينٽ جو اهو Concern هو ته مرڪزي سرڪار وقت سر اهو ڪم مڪمل نه ڪري رهي آهي، ان ڪري مرڪزي حڪومت ۽ شن هائو گروپ ميٽنگ ڪئي ته اگهن (ٽيرف) وارو مسئلو جلد حل ڪيو وڃي ۽ نيپرا کان جلدي منظوري ورتي وڃي. ان مسئلي تي مرڪزي حڪومت جو اختلاف پيدا ٿيو ته ڪوئلي جي ڄاڻ نه هجڻ ڪري اگهه مقرر نٿو ڪري سگهجي، اگهه تي اهو اختلاف راءِ هلندو رهيو ۽ 2004ع ۾ 3 آڪٽوبر تي چائنا وارن 5.8 سينٽ پر ڪلو واٽ اگهه مقرر ڪرڻ پئي گهريو، واپڊا وارن چيو ته اهو ريٽ مهانگو آهي، اهو اگهه 5.3 سينٽ في ڪلو هجي، پر ان تي به معاهدو نه ٿي سگهيو هو. تيستائين سڀ روڊ رستا ۽ ٻيون سهولتون اچي ويون، ان باوجود واپڊا جي هٺ ڌرمي جي ڪري اهو سودو طئه ٿي نه سگهيو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جا 2 ارب خرچ ٿيا ۽ چائنا جا ٻه ٽوئر به ٿيا، پوءِ ڳالهه ٻولهه ختم ٿي وئي. 2005ع ۾ اهو سڀ ختم ٿي ويو ۽ چائنيز واپس هليا ويا. 2007ع بجليءَ ۽ پاڻي واري وزير هڪ ڀيرو وري ڪوششون ورتيون. نتيجي ۾  PPIB ۽ هن وزارت بجلي جي بحران کي نظر ۾ رکندي ان تي ڪم شروع ڪيو. هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پاڻي ۽ بجلي ٽيم ليڊر هو، جنهن PPIB جو مينيجنگ ڊائريڪٽر، منسٽري آف پيٽروليم، واپڊا ۽ نيپرا وارا به شامل هئا. سنڌ سرڪار ڪول اٿارٽي جي تعاون سان، جنهن ۾ حميد آخوند سان گڏ ٽيم ٿر ۾ ميٽنگ ڪئي، جنهن ۾ علائقي جو دورو ڪيو ويو ۽ موجوده سهولتون ڏٺيون ويون. ان ڪميٽي پنهنجون سفارشون مرڪزي حڪومت کي ڏنيون ته ٿر ۾ ڪوئلو وڏي مقدار ۾ موجود آهي، سهولتون به آهن ۽ سيڪيورٽي جو به ڪو مسئلو ڪونهي، ان ڪري ٻاهريان ادارا هتي آسانيءَ سان سيڙپ ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ سرڪار يا نيپرا جي طرفان ڪوئلي جو اگهه مقرر ڪيو وڃي، جيئن سيڙپڪار ان اگهه جي بنياد تي Investment ڪري بجلي پيداوار شروع ڪري سگهن. اهو مسئلو محمد ميان سومرو جي نگران سيٽ اپ ۾ به اٿيو، پر اگهه وارو معالو جيئن جو تيئن رهيو. نگران وزير اعظم ECC (Economic Comities of Cabinet) جي ميٽنگ ۾ ان مسئلي تي بحث ٿيو. سيڙپڪارن جو خيال هو ته بجلي پيدا ڪرڻ ۾ تمام گهڻو خرچ ايندو، ان ڪري بهتر آهي ته مرڪزي سطح تي ”ٿر ڪول اٿارٽي“ کي فعال ڪيو وڃي ۽ ان جو هڪ مينيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو وڃي، جيڪو ڪوئلي جي کوٽائي لاءِ ڪوششون وٺي ۽ سيڙپڪار هٿ ڪري. سنڌ سرڪار کي اعتراض هئا ته آئين مطابق ڪوئلي جي مالڪي اسان جي آهي، هن اٿارٽي سان اسان جو واسطو نه آهي، اسان پنهنجي صوبائي ليول تي ڪول اٿارٽي ٺاهينداسين، ان ۾ هنن آئين جو حوالو ڏنو ته آرٽيڪل 70 موجب معدنيات ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ شامل ناهي. آئين جي آرٽيڪل 153 ۾ اهڙن مسئلن لاءِ ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ“ جو Provision موجود آهي، جتي مرڪزي حڪومت ۽ صوبا اهي تڪرار حل ڪري سگهن ٿا. مثال طور ڊولپمينٽ آف انڊسٽري، واپڊا ۽ ان سان لاڳاپيل مرڪز ۽ صوبن جا ٻيا مسئلا CCI ۾ حل ٿي سگهن ٿا. مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ اختلاف راءِ کي  ختم/حل ڪرڻ ۾ سي سي آءِ جو  تمام اهم رول آهي، جنهن ۾ چئن ئي صوبن جا وزير اعليٰ ۽ مرڪزي حڪومت طرفان اوترائي ميمبر نامزد ٿيل هوندا. يعني ٽوٽل 8 ميمبر هوندا ۽ وزير اعظم ان جو اڳواڻ هوندو ۽ اهو ميمبر به هوندو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سي سي آءِ فنڪشنل ڪونهي. جيڪڏهن CCI هجي ها ته اهي وڏا اشوز اتي حل ٿين ها.

بنيادي Issues ڇا آهن؟

                سنڌ ۽ ٿر جي صورتحال ۾ هي هڪ وڏو اشو آهي، جنهن لاءِ اسان کي ان متعلق مڪمل معلومات هجڻ گهرجي. معلومات جي کوٽ هجڻ سبب اسان ڪيترن فائدن حاصل ڪرڻ کان رهجي ٿا وڃون.  اها اسان سڀني جي ذميداري آهي ته اسان اهڙن حساس معاملن جو ادراڪ رکون، جيڪي معاملا اسان جي زندگيءَ ۽ موت جو معاملو آهن. بجلي آئين مطابق ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ موجود آهي، ان ڪري صوبا به بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا. جڏهن صوبه سرحد ۽ پنجاب اهو ڪم ڪري رهيا آهن، پوءِ ڀلا اسان جو صوبو اهو ڪم ڇو نٿو ڪري؟ مرڪزي حڪومت جو چوڻ آهي ته سنڌ وٽ ايتري Capacity (صلاحيت) نه آهي، جو ايترو وڏو پروجيڪٽ هلائي سگهي. تنهن ڪري وفاقي حڪومت ”ٿر ڪول انرجي بورڊ“ جوڙيو.

Conclusion:

                هن مسئلي سان جيڪي سوال لاڳاپيل آهن، سي ڪجهه هن ريت ٿي سگهن ٿا. سنڌ سرڪار ”ٿر ڪول اٿارٽي“ جي شروع ٿيڻ کان وٺي هن مهل تائين ڇا رهي آهي؟ هن وقت تائين ان ڪيترا بلاڪ ليز تي ڏنا، انهن مان ڪيترن بلاڪن جي کوٽائي مڪمل ٿي؟ ليز Extend ڇو ٿي؟ ڪيترن هنڌن تي کوٽائي جو ڪم پورو ڇو نه ٿيو؟ جنهن سيڙپڪار کوٽائي ٽائيم تي مڪمل نه ڪئي، ان جي ليز رد ڇو نه ڪئي وئي؟ عام طور تي چيو وڃي ٿو ته ان ۾ منرل ڊپارٽمينٽ جي ڪوتاهي آهي، جنهن ايگريمينٽ رد نه ڪيا. پنجاب ۽ سرحد وانگر اسان وٽ به بجلي ٺهي سگهي ٿي، پر ان تي اڄ ڏينهن تائين ڪم ڇو نه ٿيو آهي؟ ايريگيشن ۽ پاور ڊپارٽمينٽ کي Reorganize ڪري پاور ڊپارٽمينٽ کي الڳ ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ Power energy board ڇو نٿو جوڙيو وڃي؟ جيڪو انهن جڳهن جي نشاندهي ڪري جتان بجلي ٺهي سگهي ٿي. جيئن روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال، اڪرم ڪينال جو ڄامشورو برج وٽ فال ٿئي ٿو، اتي يا کيرٿر رينج ۾ مينهن جي موسم ۾ چيڪ ڊيم ٺاهيا وڃن، جيئن سرحد ۽ پنجاب ڪري ٿو. ڇا مقامي ماڻهن لاءِ تربيتن جو بندوبست ڪيو ويو آهي؟ ائين نه ٿئي جوچڪوال ۽ ملتان مان ماڻهو گهرائڻا پون ۽ عام ٿري ماڻهو رهجي وڃي. ڇا ترقياتي ڪمن جي پلاننگ ڪئي وئي آهي؟ ڇا سکر کان سانگهڙ، ٿر، بدين تائين روڊ جوڙي ڪراچي سان لنڪ ڳنڍڻ جي ڪا پلاننگ ڪئي وئي آهي؟

 

زاهده ڏيٿو

Leave a Reply

Please log in using one of these methods to post your comment:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s