پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت

سهيل ميمڻ

اهو به عجيب معاملو آهي ته ملڪ ۾ جڏهن به پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ايندي آهي، ته ڪراچيءَ جا اردو ڳالهائيندڙ هجن يا پنجاب ۽ اسلام آباد جا ماڻهو، هر ڳالهه تي چون ٿا ته، “سائين، توهان جي حڪومت آهي.” پوءِ ڀلي وزير اعظم، ملتان جو سيد يوسف رضا گيلاني هجي، جنهن جو تعلق پنجاب جي سرائيڪي علائقي سان آهي. پر جڏهن وزير اعظم جيڪب آباد جو محمد ميان سومرو هو، ته ڪو به ائين چوندي نه مليو ته، “سائين، توهان جي حڪومت آهي.” ماڻهن جي ڳالهه ڪجهه صحيح به آهي، جو پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌين وٽ آهي. زرداري هائوس جا گارڊ، اسٽاف، چوڪيدار، نوڪر سنڌي آهن. صدر مملڪت زرداري صاحب به سنڌي آهي، جنهن ڪري “سائين لوگون ڪي حڪومت هي” وارو  جملو بار بار ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو، پر حقيقت ڪجهه ٻي آهي. ادارن ۾ اڃا به مشرف دور جا سوين ڪانٽريڪٽي ملازم، ننڍا، وڏا آفيسر ويٺا آهن ۽ مشرف دور سنڌين لاءِ ڄڻ “ممنوعه دور” هو. حڪومت پيپلزپارٽي جي آئي پنج ڇهه مهينا ٿي ويا آهن، پر ڪابينا ۾ صرف ٻه وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر سنڌي ڳالهائيندڙ آهن.

وفاقي وزيرن بعد  وفاقي سيڪريٽريٽ جي نوڪريون اهم ترين آهن. هن مهل وفاقي کاتن ۽ ڊويزنن  جي 71 کان وڌيڪ سيڪريٽرين مان، جيڪي  ملڪ جو وهنوار هلائين ٿا، فقط 3 سنڌي آهن، جن ۾ قانون انصاف ۽ انساني حقن جو سيڪريٽري جسٽس آغا رفيق احمد خان کان علاوه  نارڪوٽڪس  ڊويزن جو سيڪريٽري ڪي بي رند ۽ سرحدي معاملن واري ڊويزن جو سيڪريٽري شريف بلوچ شامل آهن. اهي سيڪريٽري صاحبان به مڪمل وزارتن جا سيڪريٽري نه، پر وفاقي وزارتن جي ڊويزنن جا سيڪريٽري آهن.

وفاقي وزارتن بعد پلاننگ ڪميشن ملڪ جو اهم ترين کاتو آهي. ان اداري جو ڊپٽي چيئرمين سلمان فاروقي آهي.  اهو ساڳيو پلاننگ ڪميشن کاتو ئي آهي، جنهن جي واڳ ڪنهن وقت ۾ هڪ سنڌي آفيسر فضل الله قريشي وٽ هئي، ته مٿس اردو ميڊيا الزام لڳايو هو ته هي آفيسر ڪالاباغ ڊيم پراجيڪٽ آڏو رڪاوٽ بڻيو ويٺو آهي. نواز شريف جي حڪومت ميڊيا تي آيل انهن خبرن جي ٽن ڏينهن اندر فضل الله قريشي کي ان عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. هن وقت ان پلاننگ ڪميشن جا ڪل 9 ميمبر ۽ هڪ ڊپٽي چيئرمين آهي. انهن 10 ماڻهن ۾ هڪ به سنڌي ناهي، جڏهن ته فضل الله قريشي، ادريس راجپوت، پروفيسر ڊاڪٽر اي آر ميمڻ جهڙا ڏاها ۽ پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ماهر بيوروڪريٽس ويٺا آهن، انهن کي انهن جهڙن ٻين کي اهڙن ادارن ۾ ايڊجسٽ ڪري کانئن بهتر ڪم وٺي سگهجي ٿو. سندن قابليت ۽ مهارت ايتري ته گهڻي آهي، جو ڪوبه به سندن مقرريءَ جي مخالفت نٿو ڪري سگهي.  پلاننگ ڪميشن واري کاتي جي نئين جوڙجڪ پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ بعد ئي ٿي آهي. ڪميشن جي وفاقي سيڪريٽري سهيل صفدر کي ميمبر ۽ ڪور آرڊينيٽر، ايگريڪلچر ريسرچ ڪونسل جي چيئرمين کي ميمبر فوڊ ۽ ايگريڪلچر، پاڪستان ائٽامڪ انرجي جي اڳوڻي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل زبير  اسلم کي مانيٽرنگ جو ميمبر، انفرا اسٽرڪچر جو ميمبر ملڪ محمد اڪرم کي، پاڪستان ائٽمي توانائي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين کي ڪميشن جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو مشير ۽ ميمبر، رورل سپورٽ پروگرام جي چيئرمين شعيب سلطان کي رورل سپورٽ پروگرام لاءِ، محبوب الحق هيومن ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين خديجه محبوب الحق کي هيومن ڊولپمينٽ ريسورسز لاءِ، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر عشرت حسين کي اڪانومي لاءِ پلاننگ ڪميشن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

ٻين صوبن ۽ علائقن جا چونڊيل اسيمبلي ميمبر ايترا ته پنهنجي صوبي جي عوام ڏانهن ذميوار آهن، جو قومي اسيمبلي جي پنجين اجلاس ۾ فاٽا جي  ڪوٽا تي رکيل هڪ نوڪري سنڌ رورل کي ڏني وئي، ته ايم اين اي حنيف عباسي معاملو اٿاريو ۽ چيو ته يارهين گريڊ جي رسيپشنسٽ جي اها نوڪري 29 مارچ 2007ع تي اخبارن ۾ اشتهارن ۾ فاٽا لاءِ شايع ڪئي وئي، پر ساڳي نوڪري 27 مارچ 2008ع تي، هڪ سال بعد ٻيهر اشتهار ۾آندي وئي، ته هن ڀيري ڊوميسائل اخباري اشتهار ۾ سنڌ جو گهريو ويو، ائين ڇو ڪيو ويو آهي؟ کاتي جي وزير کيس جواب ڏنو ته، اها نوڪري سنڌ جي آهي، پريس ۾ اشتهار غلط ڇپجي ويو هو،  جنهن کي هڪ سال بعد درست ڪيو ويو آهي.

چوڻ جو مطلب اهو آهي ته 11 گريڊ جي نوڪري لاءِ به ٻين علائقن جا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر چوڪس ويٺا آهن، پر ان جي ڀيٽ ۾ اربين رپين جي گئس، پيٽرول، ڪوئلي جي ناانصافي ته ڇڏيو، نوڪرين ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ دروازا بند هجڻ تي آواز اٿارڻ ته ڇڏيو پر حيرت ان مهل ٿي، جڏهن اسان جي ڪوهستان ۽ سيوهڻ مان چونڊيل ايم اين اي اسيمبليءَ ۾ معاملو اٿاريو ته سيوهڻ شهر ۾ سوئي گئس جو پريشر گهٽ ڇو آهي؟ معنيٰ ته اصل معاملن ڏانهن توجهه ئي ناهي.

فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن وٽ اسلام آباد ۾ ماڊل ڪاليجز فار بوائز ۽ گرلز لاءِ 100  کان وڌيڪ پرنسپال آهن، جن ۾ صرف ٻه سنڌي آهن، باقي 98 جو تعلق پنجاب ۽ سرحد سان آهي. فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي، جنهن ۾ هڪ ڊائريڪٽر جنرل ۽ پنج ڊائريڪٽرن سميت 70 کان وڌيڪ ملازم آهن، انهن ۾ فقط ٻه سنڌي آهن، جيڪي پڻ ڊي جي يا ڊائريڪٽر جي عهدن ۾ ناهن. قانون، انصاف ۽ انساني حقن جي ڊويزن ۾ 151 ملازم آهن، پر هڪ به سنڌي ناهي. اٽارني جنرل آفيس ۾ 50 ملازمن مان  صرف هڪ ملازم سنڌ جو ڊوميسائل رکي ٿو. پريزيڊنٽ هائوس ۽ سيڪريٽريٽ ۾ هزارن جي تعداد ۾ اسٽاف آهي، پر هڪ به سنڌي ناهي، سواءِ نئين صدر جي! خزاني واري وزارت جي سيڪريٽريٽ واري اسٽاف ۾ 17 گريڊ ۽ ان کان مٿي وارن عهدن تي لڳ ڀڳ 316 آفيسر آهن، انهن ۾ فقط ٻه سنڌي آهن.

نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن ۾ سئو کان وڌيڪ ملازمن ۾ هڪ به سنڌي ناهي. ٻيو ته ڇڏيو، سنڌ هائوس، جيڪو آهي به سنڌ حڪومت جي ڪنٽرول ۾، ان ۾ لوئر اسٽاف ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن.

فيڊرل مينيجمينٽ ڪاليج، نيشنل پوليس اڪيڊمي (نيپا)، ايف آءِ اي اڪيڊمي ۾ ايڊمنسٽريشن ۽ فئڪلٽي ۾ هڪ به سنڌي نظر نٿو اچي. پرائيويٽ ادارن ۾ ته سنڌين لاءِ دروازا بند آهن ئي، پر سرڪاري ادارن ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ به هاڻي سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر به نه رهيا آهن. مشرف ۽ سندس ساٿين جي دور ۾ خاص ڪري اسلام آباد جي  وفاقي ادارن ۾ سنڌين جي نوڪرين جي ڀينگ ٿي وئي آهي. هن جيئن ته آئين ٽوڙيو،  ائين ئي آئين ۾ سنڌ لاءِ مقرر ڪيل ڪوٽا کي به ٿڏي ڇڏيو ۽ آئين جي خلاف ورزي وڏي ديده دليريءَ سان ڪئي.  وفاقي حڪومت جي 250 کان وڌيڪ وزارتن، ادارن، سيمي باڊيز، ڊويزنن وغيره مان سنڌي تقريبن 115 ادارن ۾ مشڪل سان نظر اچن ٿا، باقي 135 ادارن ۾ ته هو بنهه نظر ئي نٿا اچن.

پاڪستان جا 150 کان مٿي ملڪن ۾ سفارتخانا ۽ ڊپلوميٽڪ مشن آهن ۽ هر سفارتخاني يا مشن ۾ ڏيڍ سئو کان 200 ملازم آهن، يعني ٻاهرين سفارتخانن ۾ پاڪستان جا تقريبن 20 هزار کان مٿي ملازم ڪم ڪن ٿا، پر انهن ۾ صرف 16 سنڌي آهن. ائين ئي ٻاهرين ملڪن ۾ سوين ايمبسي اسڪول ۽ ڪاليج آهن، انهن ۾ ڪو هڪ به سنڌي فئڪلٽي ۾ يا ايڊمنسٽريشن ۾ ڪونهي.

پاڪستان مان هر سال تقريبن 3 لک هنرمند توڙي غير هنرمند پرڏيهه موڪليا ويندا آهن. 1977ع کانپوءِ انهن لکين ماڻهن ۾ ڪو به سنڌي نظر نه پيو اچي. هينئر اها وزارت سيد خورشيد شاهه وٽ آهي، پر ان جي دور ۾به ڪوريا ۽ڏکڻ اوڀر ملڪن ڏانهن 700 ماڻهو موڪليا ويا آهن. ماڻهو ڀرتي ڪرڻ جو ڪم لاهور جي هڪ ٽوئر ۽ ٽريول ايجنسي کي  ڏنو ويو، جن سموري ڀرتي پنجاب مان ڪئي. هڪ سئو سنڌين کي به ان سلسلي ۾ ڪورين ٻولي ٽيسٽ ۾ ويهاريو ويو، پر کين ظاهر آهي ڪورين ٻولي ڪٿان اچي؟

 اسلام آباد جي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (CDA) هن مهل تائين اسلام آباد ۾ ٽي هزار پڙيون ۽ ننڍا هٽ ماڻهن کي الاٽ ڪيا آهن، پر انهن ۾ هڪ به سنڌي ناهي. ائين ئي آچر بازار جي هزارين دڪانن جي الاٽمينٽ ۾ صرف ٻه دڪان سنڌين کي الاٽ ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ CDA انهن الاٽمينٽ ۾ ڪوٽا تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي، پر انهن بازارن ۾ پنجاب، سرحد ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي سڄي الاٽمينٽ ڪئي ويئي آهي.

12 جون 2008ع کانپوءِ سينٽرل بورڊ آف روينيو ۾، جنهن جو وزير سيد نويد قمر آهي، 17 گريڊ جا 54 آفيسر ڀرتي ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ سنڌ ٻهراڙي جا ٻه ۽ سنڌ شهري جو صرف هڪ آفيسرآهي. ان ڀرتي ۾ بلوچستان مان 2، فاٽا ۽ ڪشمير مان ٻه، سرحد مان 8 ۽ پنجاب مان 39 آفيسر رکيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ هر کاتي ۾ ڏٺو ويو آهي ته سرحد صوبي وارا پنجاب کانپوءِ ٻئي نمبر تي نوڪرين تي ڇانيل آهن، جڏهن ته آئيني طرح سندن نمبر سنڌ جي ڪوٽا کان هيٺ هجڻ گهرجي. نوڪرين ۾ ئي نه پر هر ترقياتي منصوبي توڙ مالي مراعتن ۾ سرحد ٻئي نمبر تي آهي. جيئن 2005ع کان 2008ع تائين فوڊ سپورٽ پروگرام تحت بيت المال مان ماڻهن جي مدد ڪئي وئي ته سنڌ کي 521 ملين رپيا مليا، پر سرحد کي 582 ملين رپيا، پنجاب کي 1690 ملين رپيا ۽ بلوچستان کي 12 ملين رپيا مليا. پي ٽي سي ايل کي پرائيويٽائيز ڪيو ويو ۽ نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن NTC ڪارپوريشن ڪئي وئي ۽ ان کي ڪميونيڪيشن وزارت هيٺ ڏنو ويو، پنج هزار کان وڌيڪ ان کاتي ۾ ملازم آهن، جن ۾ (اسلام آباد ۾) 10 به ملازم سنڌي ناهن.

فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ ايندڙ فيڊرل گورنمينٽ ماڊل اسڪولن ۾هميشه واڪ ان انٽرويو ٽائيپ ڀرتيون ڪيون وينديون آهن. سنڌي ماڻهن کي پوسٽن جي خبر ئي نه پوندي آهي. بورڊ جو اڳوڻو عملدار برگيڊيئر رٽائرڊ مقصود ان ڪم ۾ ماهر هو ۽ سنڌ جي اميدوارن کي خالي جڳهين جي خبر به نه پوڻ ڏيندو هو. انهن اسڪولن مان صرف هڪ جو پرنسسپال سنڌي آهي. انهن ڀرتين ۾ ڪيترا اهڙا سنڌ جي ڊوميسائل تي ڀرتي ٿيل آهن، جن  سنڌ ڏٺي به ناهي ۽ ڪيترا مرد  اميدوار، سنڌ جي عورتن جي سيٽن تي ڀرتي ٿيل آهن. پاڪستان بيت المال ۾ ڪل 283 ملازم ڪم ڪن ٿا،  انهن ۾ سنڌ جا صرف 5 ملازم آهن. پنجاب جا 220، سرحد جا 40، بلوچستان جا 4، آزاد ڪشمير جا 10 ۽ فاٽا جا چار ملازم آهن، اسلام آباد جي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ٺاهيل عطاءُ الرحمان سينٽر، 3- ارب رپين جي لاڳت سان تيار ٿيل آهي، پر ڪيمسٽري شعبي جي لاءِ ٺاهيل ان سينٽر ۾ صرف 26 شاگرد آهن، 3- ارب مان سڄي ملڪ ۾ في ڪروڙ جي حساب سان 300 اسڪول ٺهي پئي سگهيا.

Leave a Reply

Please log in using one of these methods to post your comment:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s